جيواني جيواڻي جو ڍورو

جيواني/ جيواڻي جو ڍورو (Jivani jo Dhoro): هندستان جي ضلعي ڀاؤنـنگـر، تعلـقـي ونگاگهرا (Vangaghra) جي ڳوٺ امرالا ۾ 43 71 ۽52 21 ڊگرين تي قديم سنڌو تهذيب جو هيءُ ماڳ ٻه هزار ق. م جو ڪٿيو ويو آهي. هن ماڳ کي مس سمن پانڊي 1971ع ۾ ڳولي لڌو ۽ ان جي کوٽائي ڪئي هئي. هيءُ ماڳ 420 x 10 ميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي، جيڪو ڪيترائي ڀيرا بند ٺهڻ ۽ مٽي ڍوئڻ سبب بگڙيو. دڙو/ بستي ڪلوڀار نديءَ (Kalu Bhar) جي ڪناري تي آهي، هتان لڌل ٺڪراٺو سنڌوءَ جي هڪ ٻئي ماڳ رنگپور جي ٺڪراٺي سان ملندڙ جلندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته هتان به اجريل ڳاڙهي ٿانو جا ٽڪرا مليا آهن. هتان مليل ڪن ٺڪرن جو ذڪر ڪجي ٿو:
(1) ڳاڙهي ٿانو جي ٺڪر جي ڳني هلڪي ڀوري ناسي ٿئي ٿي ۽ جنهن کي اندران پيلي ڳاڙهي (5YR5/6) رنگ جون ليڪون ڏنل آهن. نقش گهري ناسي رنگ سان ڪڍيل آهن. ٺڪر اجريل آهي، جڏهن ته ڳنيءَ جو قطر 20 سينٽي ميٽرن جو آهي.
(2) هڙاپائي دور جي ڳاڙهي ٺڪر جي ڪنهن پيالي جي ڳني ڀوري ناسي (10YR6/2) بت سان، اندران ٻاهران پيلين ڳاڙهين ليڪن سان چٽيل، جنهن تي تمام گهري ناسي رنگ جا چٽ نڪتل آهن.
(3) هڙاپائي دور جي ڳاڙهي ٺڪر جي پاٽ جو ترو، ڳاڙهسري پيلي رنگ جي (5YR6/6) بت سان، ٻاهران ڳاڙها ليڪا اندران سطح ڳاڙهسري پيلي، چڪ تي لٿل هن ٺڪر جو قطر 60 سينٽي ميٽر آهي.
(4) هڙاپائي دور جي ڳاڙهي ٺڪر جي پاٽ جو ترو، خوبصورت ڳاڙهسري پيلي بت (Fabric) سان، ٻاهران ڳاڙهسريون ليڪون نڪتل اندران سطح ڳاڙهسري پيلي، چڪ تي لٿل هن ٿانو جو قطر 34 سينٽي ميٽر، جڏهن ته گهري ناسي رنگ سان ٿانو تي چٽ چٽيل آهن.
(5) هڙاپائي دور جي پاٽ جو ترو، خوبصورت ڳاڙهسري، پيلي بت سان، ٻاهران ڳاڙهي رنگ جا ليڪا ڏنل، اندران سطح به ڳاڙهسري پيلي، گهري رنگ سان چٽ چٽيل، جيڪي صرف ٻاهران چٽيا ويا آهن، اندارن ڪو به چٽ نه آهي، چڪ تي لٿل هن ٿانو جو قطر 34 سينٽي ميٽر آهي.
(6) هڙاپائي دور جي ٺڪر جي ٿالهيءَ جو ٽڪر، خوبصورت ڳاڙهسري پيلي بت سان، اندران ٻاهران ڳاڙهيون ليڪون، گهري ناسي رنگ سان ٻاهران چٽ چٽيل، اندارن ڪو به چِٽ نه آهي، چڪ تي لٿل هن ٺڪر جي ٿانو جو قطر 16 سينٽي ميٽر آهي.
(7) هڙاپائي دور جي کهري (Course) ٺڪر جي ٿانو جو ٽڪر، گهري ناسي ۽ کهري بت سان، مٿاڇري تي واريءَ جا ذرڙا چنبڙيل، ٿانون جي سطح اندران توڙي ٻاهران گهري ناسي رنگ جي، اندران ٻاهران اوجر ظاهر، گهڻو ڪري چڪ تي لٿل (پڪ ناهي)، ٺڪر جي ٿانو جو قطر 20 سينٽي ميٽر آهي.
هي ماڳ گجرات صوبي ۾ آهي، جتي سنڌو تهذيب جا 170 کن ماڳ ٻيا به موجود آهن. هنن ماڳن جي گريگوري پزل نالي قديم آثارن جي ماهر (جيڪو اصل جرمن جو هو)، کوٽائي ڪئي. سندس چوڻ موجب هيءُ 2 هزار ق.م جي وسندي ماڻهن جي ڪنهن سبب سنڌ مان لڏي اچي، هتي ويهڻ سبب وجود ۾ آئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو